KTN News

ڪراچي ۾ صرف اهو رڪشوهلندو جنهن ۾ ميٽر لڳل هوندو،ڊي آءِ جي ٽريفڪ

ڊي آءِ جي ٽريفڪ ڪراچي پير محمد شاهه چيو آهي ته ڪراچي ۾ مختلف قسمن جي رڪشن تي پابندي لڳائي رهيا آهيون، ايندڙ وقت ۾ صرف اهي رڪشا هلندا جن ۾ ميٽر لڳل هوندا۔

ڪراچي پريس ڪلب ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊي آءِ جي ٽريفڪ جو چوڻ هو ته اي چالان بابت شهرين کي ڪجهه مسئلا پيش اچي رهيا آهن، ان حوالي سان رليف ڏيڻ لاءِ پاليسي تيار ڪري رهيا آهيون. اي چالان پاڻمرادو ٺهندا آهن، جنهن ۾ غلطيون ٿي سگهن ٿيون۔

ڊي آءِ جي ٽريفڪ چيو ته چنگچي رڪشن کي مين روڊن تان هٽائڻ لاءِ ڪوششون جاري آهن. ڪراچي ۾ صرف اهو رڪشو هلندو جنهن ۾ ميٽر موجود هوندو. اي چالان سسٽم ۽ لين مارڪنگ سبب ٽريفڪ جي رواني ۾ بهتري آئي آهي. هن ٻڌايو ته ڪراچي ۾ گذريل سال ڳري ٽريفڪ سبب 164 ماڻهو فوت ٿيا هئا۔

Facebook
Instagram
WhatsApp
Tiktok
X (Twitter)
YouTube