سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ وفاقي وزير قومي ورثي ۽ ثقافت ڊويزن اورنگزيب خان کچي وچ ۾ مزارِ قائد ۽ نيشنل لائبريري جي معاملن بابت اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ قومي ورثي جي تحفظ ۽ ادارن وچ ۾ سهڪار کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو ويو.
سنڌ جي وڏي وزير جي ترجمان موجب، اجلاس ۾ ڪمشنر ڪراچي حسن نقوي، سي ايم سيڪريٽري آصف جميل، سيڪريٽري ثقافت خير محمد ڪلوڙ سميت ٻيا صوبائي آفيسر شريڪ ٿيا، جڏهن ته وفاقي وزير سان گڏ نيشنل لائبريري آف پاڪستان جو ڊائريڪٽر جنرل، ريزڊنٽ انجنيئر، سيڪريٽري قائداعظم مزار مينيجمينٽ بورڊ عليم خان ۽ قومي ورثي ۽ ثقافت ڊويزن جا سينيئر عملدار پڻ موجود هئا.
اجلاس ۾ مزارِ قائد جي چوڌاري حددخلين، صفائي، سيڪيورٽي ۽ سار سنڀال جي معاملن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو.
مزار جي چوڌاري غير قانوني طور ڪچرو ۽ تعميراتي ملبو اڇلائڻ جي روڪٿام، منشيات وڪرو ڪندڙن ۽ شرپسند عنصرن سبب پيدا ٿيندڙ سيڪيورٽي خدشن جي خاتمي، ۽ شهرين توڙي سياحن لاءِ سهولتون بهتر بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ويو.




