وفاقي آئيني عدالت ڪراچي ۾ نسلا ٽاور سميت ٻين غيرقانوني اڏاوتن کي ڊاهڻ ۽ زمينن جي اسٽيٽس تبديل ڪرڻ تي لاڳو پابندي بابت سپريم ڪورٽ جا حڪم واپس وٺي ڇڏيا آهن. عدالت سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي عدالتي اختيارن کان تجاوز قرار ڏنو ۽ چيو ته بلڊنگ بابت قانون صوبي جي حڪومت جي دائري اختيار ۾ اچن ٿا. فيصلي ۾ واضح ڪيو ويو آهي ته آئيني عدالت ڪنهن به غيرقانوني اڏاوت کي قانوني قرار نه ٿي ڏئي.
وفاقي آئيني عدالت ڪراچي جي غيرقانوني اڏاوتن واري ڪيس جو لکت وارو فيصلو جاري ڪري ڇڏيو آهي. ڏهن صفحن تي ٻڌل اهو فيصلو جسٽس عامر فاروق لکيو آهي. فيصلي ۾ نسلا ٽاور کي ڊاهڻ جو سبب بڻجندڙ سپريم ڪورٽ جا حڪم واپس ورتا ويا آهن.
سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي عدالتي اختيارن کان تجاوز قرار ڏيندي چيو ويو ته اصل ڪيس لياري جي هڪ عمارت بابت هو، جيڪا ڌرين موجب هاڻي غيرمؤثر ٿي چڪي هئي. سپريم ڪورٽ جي ان ڪيس ۾ جاري ڪيل سمورا حڪم واپس وٺندي ڪيس ختم ڪيو ويو.
وفاقي آئيني عدالت پنهنجي لکت واري فيصلي ۾ چيو آهي ته سپريم ڪورٽ آڏو لياري جي هڪ غيرقانوني تعمير ٿيل عمارت جي اپيل ٻڌڻي هيٺ هئي، پر هڪ عمارت جو ڪيس پهرين سڄي لياري ۽ پوءِ سڄي ڪراچي شهر تائين وڌايو ويو.
سپريم ڪورٽ ڪراچي ماسٽر پلان جي خلاف ٿيل سڀني اڏاوتن، غيرقانوني شادي هالن، شاپنگ سينٽرن ۽ مارڪيٽن کي ڊاهڻ جو حڪم ڏنو هو. فيصلي ۾ چيو ويو ته آئيني گهرجون پوريون ڪرڻ کان سواءِ اپيل دوران پاڻمرادو (سوموٽو) اختيار استعمال ڪيو ويو.
فيصلي موجب آئيني عدالت ڪنهن به غيرقانوني اڏاوت کي جائز قرار نه ٿي ڏئي. بلڊنگ بابت قانون صوبي جي حڪومت جي دائري اختيار ۾ اچن ٿا، نه ڪي عدالتن جي. آئين ۽ قانون موجب سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي (ايس بي سي اي) ۽ صوبي جي حڪومت غيرقانوني اڏاوتن خلاف ڪارروائي ڪرڻ جا پابند آهن.
فيصلي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته غيرقانوني اڏاوتن خلاف ڪارروائي لاءِ قانون ۽ عملدرآمد جو واضح طريقو موجود آهي، ۽ رڳو ايس بي سي اي جي رپورٽ جي بنياد تي ڪنهن به اڏاوت کي ڊاهڻ جو حڪم نٿو ڏئي سگهجي. آئيني عدالت قرار ڏنو ته هر شهري جو بنيادي حق آهي ته کيس مڪمل قانوني عمل مان گذاريو وڃي.




