KTN News

ڪراچي دنيا جي نه رهڻ لائق شهرن جي فهرست ۾ شامل

ڪراچي: اِڪانومسٽ انٽيليجنس يونٽ (EIU) پاران جاري ڪيل گلوبل لائيوئبلٽي انڊيڪس 2026 ۾ ڪراچي کي دنيا جي نه رهڻ لائق شهرن ۾ شامل ڪيو ويو آهي.

رپورٽ موجب دنيا جي 173 شهرن جي درجه بندي ۾ ڪراچي 170هون نمبر حاصل ڪيو، جڏهن ته رڳو ڍاڪا، طرابلس ۽ دمشق ڪراچي کان هيٺ رهيا. رپورٽ ۾ ڪراچي جو مجموعي اسڪور 100 مان 43 ڄاڻايو ويو آهي.

اي آءِ يو موجب شهرن جي درجه بندي امن امان، صحت، تعليم، انفراسٽرڪچر، ۽ ثقافتي توڙي ماحولياتي سهولتن سميت پنجن بنيادي شعبن جي بنياد تي ڪئي وئي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڪراچي کي خاص طور امن امان ۽ بنيادي انفراسٽرڪچر جي ڪمزور ڪارڪردگي سبب هيٺين درجي ۾ رکيو ويو.

ٻئي پاسي ڊينمارڪ جي راڄڌاني ڪوپن هيگن لڳاتار ٻئي سال دنيا جو سڀ کان وڌيڪ رهڻ لائق شهر قرار ڏنو ويو، جڏهن ته ويانا، ميلبورن ۽ سڊني پڻ فهرست ۾ نمايان شهرن ۾ شامل رهيا.

ماهرن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن ڪراچي ۾ ٽريفڪ جي نظام، شهري سهولتن، آلودگي ۽ سيڪيورٽي جهڙن مسئلن تي اثرائتي نموني ڌيان ڏنو وڃي ته شهر جي عالمي درجي بندي ۾ نمايان بهتري آڻي سگهجي ٿي.

Facebook
Instagram
WhatsApp
Tiktok
X (Twitter)
YouTube