اسلام آباد: پاڪستان کي آڪٽوبر ۾ قطر کان ايل اين جي جو پهريون ڪارگو ملي ويو، جڏهن ته سياري 2026-27 دوران گئس جون ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ 24 ڪارگوز گهربل هوندا.
سوئي ناردرن جي گئس طلب 550 ملين مڪعب فوٽ روزانو مان وڌي 1550 ملين ۽ سوئي سدرن جي طلب 300 ملين مان وڌي 500 ملين مڪعب فوٽ روزانو ٿيڻ جو امڪان آهي.
گئس جي وڌندڙ طلب ۽ محدود فراهمي سبب سياري ۾ برآمدي ۽ غير برآمدي صنعتن، سي اين جي ۽ سيمينٽ جي شعبن کي گئس جي فراهمي متاثر ٿيڻ جا خدشا آهن.




