وزيراعظم شهباز شريف سان مڪي ڊفينس الائنس جي پهرين سيڪريٽري جنرل نعمان محمود ملاقات ڪئي آهي.
ان موقعي تي وزيراعظم جنرل (ر) نعمان محمود کي عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته مڪي امن معاهدو خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ هڪ تاريخي سنگ ميل آهي.
وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان، سعودي عرب جي خودمختياري ۽ دفاع لاءِ ان سان گڏ بيٺل آهي ۽ سعودي عرب جي دفاع جي جائز حق جي ڀرپور حمايت ڪري ٿو.
ان موقعي تي وزيراعظم کي دفاعي ۽ اسٽريٽجڪ سهڪار وڌائڻ جي حڪمت عملي بابت بريفنگ پڻ ڏني وئي.




