نئين نجي پاڪستاني ايئرلائن سائوٿ ايئر پنهنجي پهرين ڏينهن جي فلائيٽ آپريشن جو شيڊول جاري ڪري ڇڏيو آهي.
سائوٿ ايئر 16 جولاءِ کان پنهنجي ڪمرشل اڏامن جي شروعات ڪندي، جنهن لاءِ پاڪستان سول ايوي ايشن اٿارٽي طرفان باقاعده اجازت ڏني وئي آهي. ايئرلائن طرفان ٽڪيٽن جي وڪري جي شروعات پڻ ڪئي وئي آهي.
ايئرلائن شروعاتي مرحلي ۾ ٻن جهازن سان فضائي آپريشن شروع ڪندي. چيف ڪمرشل آفيسر نشاط فاطمه موجب، پهرين اڏام 16 جولاءِ تي ڪراچي کان تربت ۽ بهاولپور لاءِ رواني ٿيندي.




