سنڌ جي بلديات واري وزير ناصر حسين شاهه جي اسلام آباد ۾ اوچتو طبيعت خراب ٿي وئي.
ذريعن موجب، ناصر حسين شاهه جي اسلام آباد ۾ طبيعت بگڙڻ کان پوءِ کين ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ابوظهبي منتقل ڪيو ويو، جتي هاڻي سندن حالت خطري کان ٻاهر ٻڌائي پئي وڃي.
ذريعن موجب، صوبائي وزير ناصر حسين شاهه جو آپريشن ڪيو ويو آهي، ۽ هو هن وقت آءِ سي يو (انتھائي نگہداشت واري وارڊ) ۾ علاج هيٺ آهن.




