ڪراچي جي جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي لاهور کان ايندڙ مسافر فوت ٿي ويو.
تفصيلن موجب، مسافر پارڪنگ ايريا ۾ اوچتو ڪري بيهوش ٿي ويو هو. شهري جي اطلاع تي عملدار ۽ ايمبولينس فوري طور تي واقعي واري هنڌ پهچي ويا.
سي اي اي جي ڊاڪٽر معائني کان پوءِ مسافر جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي، جنهن جي سڃاڻپ محمد ارشد جي نالي سان ٿي.
فوتي لاهور کان پي آءِ اي جي اڏام پي ڪي 304 ذريعي ڪراچي پهتو هو. فوتي پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائن جو اڳوڻو ملازم هو، جنهن وٽان سڃاڻپ ڪارڊ، پاسپورٽ ۽ ٽڪيٽ هٿ آيا.




