ڪراچي: ضلعي ملير ۾ ملڪيت جي تڪرار تان هڪ پٽ پنهنجي ويجهي ساٿي سان گڏجي پنهنجي سڳي پيءُ کي قتل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته واردات لڪائڻ لاءِ ان کي ڦر جي واردات جو رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.
ايس ايس پي ملير ڊاڪٽر عبدالخالق جاچ لاءِ ايس پي ملير، ڊي ايس پي سُکڻ ۽ ايس ايڇ او ابراهيم حيدري جي اڳواڻي ۾ خاص ٽيمون جوڙي ڇڏيون.
پوليس ٽيمون فني ۽ ڳجهي ڄاڻ جي بنياد تي ڪارروائي ڪندي انڌي قتل جو معمو حل ڪري ورتو.
جاچ دوران انڪشاف ٿيو ته مقتول جو پٽ اعجاز پنهنجي پيءُ کي رستي تان هٽائڻ چاهيو ٿي، جنهن لاءِ هن پنهنجي دوست شيراز کي قتل جي سپاري ڏني.
اعجاز شيراز کي قتل جي عيوض 15 هزار رپيا روڪ ۽ هڪ آئي فون ڏيڻ جي آڇ ڪئي هئي. جوابدار شيراز رقم ۽ آئي فون جي لالچ ۾ اچي پنهنجي ئي دوست جي والد محمد اقبال کي فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو.
جوابدار اعجاز ملڪيت جي لالچ ۾ پنهنجي والد جي قتل جهڙي سنگين ڏوهه جي رٿابندي ڪئي.
جوابدارن ڪجهه ڏينهن اڳ ابراهيم حيدري ٿاڻي جي حد ليبر ڪالوني ۾ گهر اندر محمد اقبال تي فائرنگ ڪئي هئي. مقتول محمد اقبال سخت زخمن سبب واقعي واري هنڌ ئي فوت ٿي ويو.
پوليس ڪارروائي ڪندي ٻنهي جوابدارن، اعجاز ولد محمد اقبال ۽ شيراز کي گرفتار ڪري ورتو، جيڪي پاڻ ۾ ويجها دوست آهن. گرفتار جوابدارن وٽان هڪ پسٽل گولين سميت، موبائل فون ۽ واردات ۾ استعمال ٿيل موٽرسائيڪل پڻ هٿ ڪئي وئي.
واقعي جو ڪيس ابراهيم حيدري ٿاڻي ۾ ايف آءِ آر نمبر 482/26 تحت پاڪستان پينل ڪوڊ جي دفعا 302/34 موجب داخل ڪيو ويو هو. ٻنهي جوابدارن کي وڌيڪ جاچ لاءِ انويسٽيگيشن ونگ حوالي ڪيو ويو آهي.




