KTN News

گمبٽ ۾ وڌيڪ ٽن ٻارڙن ۾ ايڇ آءِ وي جي تصديق، انگ 8 ٿي ويو

گمبٽ ۾وڌيڪ ٽن ٻارڙن ۾ايڇ آءِ وي جي تصديق ٿي آهي، جنهن بعد مريضن جو انگ وڌي 8 ٿي ويو آهي.

گمس ۾داخل فضا، سجاد ۽ ابوبڪر جي پي سي آر رپورٽ ۾ايڇ آءِ وي جي تصديق ٿي آهي.

روزانو ايڇ آءِ وي جا ڪيترائي ڪيس رپورٽ ٿيڻ ڪري علائقي واسين ۾ڳڻتيءَ جي لهر پکڙيل آهي.

رهواسين جو چوڻ آهي ته معاملي جو نوٽيس وٺي گمبٽ ۽ ڀرپاسي ۾ ٽيمون موڪلي مرض تي ضابطو آندو وڃي.

Facebook
Instagram
WhatsApp
Tiktok
X (Twitter)
YouTube