ڪراچي: نوجوان جي مبينا شارٽ ٽرم اغوا تان پوليس جا ٻه شعبا آمهون سامهون، ڊي ايس پي زخمي
ڪراچي جي علائقي نارٿ ناظم آباد ۾ نوجوان جي مبينا شارٽ ٽرم اغوا واري معاملي تان ڊسٽرڪٽ سينٽرل پوليس ۽ ايس آءِ يو صدر وچ ۾ تڪرار شدت اختيار ڪري ويو. پوليس ذريعن موجب ڇڪتاڻ دوران ڊي ايس پي شادمان جو مٿو ڦاٽي پيو، جڏهن ته ٻنهي ڌرين پاران هڪ ٻئي جي آفيسرن ۽ اهلڪارن کي تحويل ۾ وٺڻ جون دعوائون ڪيون ويون آهن.
ذريعن موجب، نوجوان جي مبينا اغوا ۾ ملوث جوابدارن کي تيموريه پوليس حراست ۾ ورتو، جنهن بعد جوابدارن جي تحويل جي معاملي تان ٻنهي پوليس ٽيمن وچ ۾ تڪرار پيدا ٿيو. ڊسٽرڪٽ سينٽرل پوليس ايس آءِ يو صدر جي موبائل ۽ اهلڪارن کي ناظم آباد ٿاڻي منتقل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته ايس آءِ يو جي ڪجهه آفيسرن کي به تحويل ۾ وٺڻ جا اطلاع آهن.
واقعي کانپوءِ ناظم آباد ٿاڻي تي ٻنهي ڌرين جي آفيسرن وچ ۾ ڳالهيون پڻ ٿيون. ٻئي طرف ايس ايڇ او ممتاز مهر واقعي بابت خبرن کي قياس آرائي قرار ڏيندي چيو ته انهن ۾ ڪا به صداقت ناهي. واقعي بابت پوليس اختيارين جو باضابطا موقف ۽ وڌيڪ تفصيل سامهون اچڻا باقي آهن.




