KTN News

ڪراچي: ست ڏينهن واري پوليو خلاف مهم جو آغاز

ڪراچي: ڪمشنر ڪراچي سيد حسن نقوي شهر ۾ پوليو کان بچاءَ جي ست ڏينهن واري مهم جو افتتاح ڪري ڇڏيو.

ان سلسلي ۾ تقريب قومي اداري براءِ امراضِ اطفال ۾ منعقد ڪئي وئي.

صحت کاتي موجب مهم دوران 25 لک ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پيارڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي.

اختيارين ٻڌايو آهي ته ڪراچي جي سڀني 201 يونين ڪائونسلن ۾ پوليو جي خاتمي لاءِ خصوصي مهم هلائي ويندي.

صحت کاتي موجب پوليو ٽيمن جي سيڪيورٽي لاءِ 7 هزار 853 پوليس اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن.

Facebook
Instagram
WhatsApp
Tiktok
X (Twitter)
YouTube