KTN News

چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي خصوصي هدايتن  تي عوامي ڀلائي وارن ڪمن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪيو ويندو،ناصر شاهه

مڪاني کاتي واري وزير ناصر شاهه جو  چيو آهي  ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي خصوصي هدايتن  تي عوامي ڀلائي وارن ڪمن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪيو ويندو، پ پ حڪومت ئي ڪراچي شهر ۾ امن قائم ڪيو آهي.

سنڌ جي مڪاني کاتي واري وزير ناصر شاهه سان ڪراچي مان چونڊيل  پي ٽي آءِ جي ٽائون چيئرمينز ۽ يوسي چيئرمينز جي وفد ملاقات ڪري مسئلن جي حل لاءِ ڳالهه ٻولهه ڪئي.

پي ٽي آءِ جي وفد صوبائي وزير ناصر شاهه کي ٽائونز ۽ يوسيز ۾ انفرا اسٽرڪڇر، صحت، صفائي سٿرائي ۽ ٻين مسئلن کان آگاهي ڏني، پي ٽي آءِ وفد شڪايتون ڪندي چيو ته کين ترقياتي ڪمن لاءِ فنڊز نه پيا ڏنا وڃن، اينٽي ڪرپشن پاران بنا جواز پريشان ڪيو پيو وڃي.

ناصر شاهه پي ٽي آءِ جي وفد کي خاطري ڪرائي تن سندن سمورا مسئلا حل ڪيا ويندا، سنڌ حڪومت سمورن چونڊيل نمائندن کي مڪمل سپورٽ ڪندي، هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري جي هدايتن تي عوامي مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا ويندا…..

Facebook
Instagram
WhatsApp
Tiktok
X (Twitter)
YouTube