KTN News

جنگبندي کان پوءِ اسرائيلي حملن ۾ هڪ هزار فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن: گڏيل قومون

گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتيريش چيو آهي ته غزه جي پٽي ۾ جنگبندي شروع ٿيڻ کان پوءِ اسرائيلي فوجي حملن ۾ هڪ هزار فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن.

عرب ميڊيا جي رپورٽ موجب، نيويارڪ مان جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل چيو ته غزه ۾ زندگي جون حالتون انتهائي سنگين آهن. ماڻهو نه ڦاٽل بارودي مواد، وبائي بيمارين ۽ وڏي پيماني تي بي گهر ٿيڻ جي خطري هيٺ زندگي گذاري رهيا آهن.

انتونيو گوتيريش چيو ته اولهه ڪناري (ويسٽ بئنڪ) جي فلسطيني آبادي کي آبادڪارن جي جاري تشدد، آبادڪاري جي توسيع ۽ الحاق جي وڌندڙ خطري کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.

عالمي اداري جي سربراهه وڌيڪ چيو ته اولهه ڪناري جي زمينن جو غيرقانوني الحاق بين الاقوامي قانونن جي کليل ڀڃڪڙي سمجهيو ويندو.

گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل چيو ته اوڀر بيت المقدس ۾ يو اين آر ڊبليو اي جي امدادي اداري جي آفيس تي قبضو غيرقانوني ۽ ناقابلِ قبول عمل آهي.

Facebook
Instagram
WhatsApp
Tiktok
X (Twitter)
YouTube