KTN News

دوحا ۾ آمريڪي سفارتي سرگرميون تيز، وِٽڪوف ۽ ڪشنر جون قطري ثالثن سان اهم ملاقاتون

دوحا: آمريڪا جي خاص ايلچي اسٽيو وِٽڪوف ۽ اڳوڻي سينيئر صلاحڪار جيرڊ ڪشنر قطر جي گادي واري شهر دوحا ۾ قطري ثالثن ۽ اعليٰ عملدارن سان اهم ملاقاتون ڪيون آهن، جتي وچ اوڀر جي مجموعي صورتحال ۽ مختلف علائقائي معاملن تي خيال جي ڏي وٺ ڪئي پئي وڃي.

قطر جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان ماجد الانصاري چيو آهي ته آمريڪي وفد دوحا ۾ قطري ثالثن ۽ اعليٰ عملدارن سان ڪيترن ئي اهم علائقائي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪري رهيو آهي. سندس موجب، ڳالهين دوران ايران بابت ٿيندڙ اڳڀرائي پڻ غور هيٺ آندي ويندي، جڏهن ته لبنان جي صورتحال تي به صلاح مشورا ڪيا ويندا.

Facebook
Instagram
WhatsApp
Tiktok
X (Twitter)
YouTube