KTN News

آمريڪي مهم جوئي سبب آبنائي هرمز مان فائدو حاصل ڪندڙ ملڪن جا مفاد متاثر ٿيندا: ايران

پاسداران انقلاب جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ايراني فوجن آبنائي هرمز تي ڪنٽرول قائم ڪري ورتو آهي. آمريڪي مهم جوئي سبب آبنائے هرمز مان فائدو حاصل ڪندڙ ملڪن جا مفاد متاثر ٿيندا.

هڪ بيان ۾ پاسداران انقلاب جي ترجمان چيو ته آمريڪي مهم جوئي سبب سامونڊي رستي کي مرحليوار کولڻ جي عمل ۾ سنگين رڪاوٽ پيدا ٿيندي. غير ملڪي طاقتن جو آبنائے هرمز ۾ ڪو به حق يا مفاد ناهي. آمريڪي مداخلت يا مهم جوئي جو فيصلائتو جواب ڏنو ويندو.

بيان ۾ چيو ويو آهي ته هن اهم سامونڊي گذرگاهه مان گذرندڙ بحري آمدورفت جنگ کان اڳ واري سطح جي لڳ ڀڳ 50 سيڪڙو تائين پهچي چڪي آهي، ۽ انهن جهازن جي اچ وڃ ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي جيڪي ايران کان ”اجازت“ حاصل ڪن ٿا.

Facebook
Instagram
WhatsApp
Tiktok
X (Twitter)
YouTube