چيني صدر شي جن پنگ چيو آهي ته تائيوان جي عليحدگي پسند قوتن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ چين ڪنهن به قسم جي پرڏيهي مداخلت جي ڀرپور مخالفت ڪندو.
صدر شي جن پنگ پنهنجي خطاب ۾ چيو ته قومي اتحاد جي عمل کي هر حال ۾ اڳتي وڌايو ويندو ۽ قومي اتحاد جي عظيم مقصد جي تڪميل لاءِ هر ممڪن قدم کنيا ويندا. هن چيو ته مضبوط چين جي تعمير لاءِ هڪ مضبوط فوج لازمي آهي، جڏهن ته چين پنهنجي قومي خودمختياري، سلامتي ۽ ترقياتي مفادن جو هر قيمت تي دفاع ڪندو.
صدر شي جن پنگ وڌيڪ چيو ته پارٽي کي نقصان پهچائيندڙ سڀني خرابين جو خاتمو ڪيو ويندو. هن زور ڀريو ته دشمن ڪيترو به طاقتور ڇو نه هجي ۽ چئلينج ڪيترا به سنگين ڇو نه هجن، چين پنهنجي خودمختياري، سلامتي ۽ قومي مفادن جي تحفظ کان ڪڏهن به پوئتي نه هٽندو.




