وزيراعظم شهباز شريف سان پوليو نگراني بورڊ جي ست رڪني وفد ملاقات ڪئي. وفد ۾ روٽري جي پوليو اوور سائيٽ بورڊ جو چيئرمين مائيڪ ميڪ گورن، گيٽس فائونڊيشن جي گلوبل ڊولپمينٽ جي صدر ڪرس ايلائيس، علائقائي ڊائريڪٽر ڊبليو ايڇ او ڊاڪٽر حنان بلخي، يونيسيف، گاوي ۽ پاڪستان ۾ پوليو جي خاتمي لاءِ سهڪار ڪندڙ ٻين ڀائيوارن جا نمائندا شامل هئا.
وزيراعظم وفد جو آڌرڀاءُ ڪندي پوليو جي خاتمي لاءِ حڪومتِ پاڪستان سان مسلسل سهڪار ڪرڻ تي سمورن ڀائيوارن جو شڪريو ادا ڪيو. هن چيو ته پاڪستان جي ٻارن جي مستقبل کي پوليو جهڙي خطرناڪ بيماري کان محفوظ بڻائڻ لاءِ حڪومت هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي.
هن پوليو کان پاڪ پاڪستان جي عزم کي ورجائيندي چيو ته پوليو جو خاتمو حڪومت جي اهم قومي ترجيح آهي ۽ ان مقصد لاءِ سمورن لاڳاپيل ڌرين کي پنهنجون گڏيل ڪوششون وڌيڪ تيز ڪرڻيون پونديون.
وزيراعظم ڏکڻ خيبرپختونخواهه جي پوليو هاٽ اسپاٽ علائقن تي خاص ڌيان ڏيڻ ۽ اتي اثرائتي حڪمت عملي تحت قدمن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي هدايت پڻ ڪئي.
هن روٽري انٽرنيشنل، گيٽس فائونڊيشن، عالمي صحت واري اداري (ڊبليو ايڇ او)، يونيسيف، ڪنگ سلمان رليف، سينٽر فار ڊزيز ڪنٽرول اينڊ پريوينشن (آمريڪا) ۽ ٻين ڀائيوارن جي پوليو جي خاتمي جي حوالي سان سهڪار کي ساراهيندي انهن جو دل جي گهراين سان شڪريو ادا ڪيو.
وزيراعظم وفاقي وزير قومي صحت سيد مصطفيٰ ڪمال، صحت واري مملڪتي وزير، وزيراعظم جي پوليو جي خاتمي بابت فوڪل پرسن، نيشنل ڪوآرڊينيٽر انسدادِ پوليو ۽ حڪومتي ٽيم جي ٻين ميمبرن جي ڪوششن کي به ساراهيو.
وفد پوليو فري پاڪستان لاءِ حڪومت جي اثرائتن قدمن ۽ نمايان اڳڀرائي کي ساراهيندي وزيراعظم محمد شهباز شريف کي خراجِ تحسين پيش ڪيو.
ملاقات دوران وفاقي وزير قومي صحت سيد مصطفيٰ ڪمال، وزيراعظم جي پوليو جي خاتمي بابت فوڪل پرسن سينيٽر عائشه رضا فاروق ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا.




