هيڪرن ڀارتي نيوز چينلز کي هيڪ ڪري صدر جي تقرير دوران پاڪستان جو قومي ترانو نشر ڪري ڇڏيو.
تفصيلن موجب، اڻڄاتل هيڪرن ڀارتي نيوز چينلز TV9 Telugu ۽ Freedom TV Kannada کي هيڪ ڪري انهن جي نشرياتي نظام تائين رسائي حاصل ڪئي.
هيڪرن ڀارتي صدر جي تقرير دوران TV9 Telugu تي پاڪستان جو قومي ترانو نشر ڪيو، جڏهن ته ان دوران هڪ پيغام پڻ هلائيو ويو، جنهن ۾ هيڪرن جي طرفان خبردار ڪيو ويو ته پاڪستان سان چِڙڇاڙ نه ڪئي وڃي.




