پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته رياست کي فيصلو ڪرڻ گهرجي ته قومي مفاد وڌيڪ اهم آهي يا ن ليگ جو مفاد؟ رياست جو هر فيصلو ن ليگ جي مفاد کي ترجيح ڏئي رهيو آهي، جڏهن ته آزاد ڪشمير ۾ قومي مفاد بدران ن ليگ جي مفاد کي اوليت ڏني وئي آهي.
مظفرآباد ۾ هڪ اجتماع کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسان قومي مفاد خاطر حڪومت ۽ رياست سان گڏ بيٺل آهيون، پر ن ليگ جي مفاد لاءِ ڪنهن سان به گڏ بيهڻ لاءِ تيار ناهيون. ڌانڌلي لاءِ مرحليوار چونڊون ڪرايون پيون وڃن ۽ رياست جو هر فيصلو ن ليگ جي مفاد کي ترجيح ڏئي رهيو آهي.
پيپلز پارٽي جي چيئرمين چيو ته ڌانڌلي جي ڪهاڻي اڄ کان شروع ناهي ٿي. اسان قومي مفاد ۾ خاموش رهياسين، جيڪڏهن گذريل چونڊن جي ڳالهه ڪندس ته معاملو گهڻو اڳتي هلي ويندو. اسان آزاد ڪشمير کي ڪڏهن به والاريل ڪشمير بڻجڻ نه ڏينداسين، انٽرنيٽ بند ڪرڻ سان آزاد ڪشمير والاريل ڪشمير جهڙو لڳندو.
بلاول ڀٽو چيو ته ظلم، زيادتي، قتل ۽ ڦرلٽ کي جمهوريت جو نالو ڏنو پيو وڃي، تباهي ڦهلائي امن جو نالو ڏنو وڃي ٿو. آزاد ڪشمير ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي، ڇا ان کي جمهوريت چئي سگهجي ٿو؟ اسان پوئتي نه هٽنداسين، ڪنهن جي سامهون نه جهڪنداسين، ۽ پنهنجي 100 سيڪڙو سيٽون واپس حاصل ڪري رهنداسين.
هن وڌيڪ چيو ته ووٽن جي ڳڻپ جيڪا به هجي، عوام جي خواهش موجب تير اڳ ئي کٽي چڪو آهي. هنن اهو ئي ڪيو جيڪو گذريل چونڊن ۾ ڪيو هو. اسان جو ڪم ووٽ جي حفاظت ڪرڻ آهي. گذريل چونڊن ۾ هنن گوليون هلايون، جڏهن ته اسان ووٽ جي حفاظت ڪئي.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڌانڌلي لاءِ مرحليوار چونڊون ڪرايون پيون وڃن. ووٽن موجب چوڌري ياسين ٻنهي سيٽن تي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي، ۽ ووٽن تي ڌاڙو هڻندڙن کي نه ڇڏيندس.
پيپلز پارٽي جي چيئرمين چيو ته احتجاج واري معاملي جو ڪو وچٿرو حل ڪڍڻ گهرجي ها. احتجاج ڪندڙن کان به تاريخي غلطيون ٿيون. جيڪڏهن سچ ۽ مفاهمت لاءِ ڪميشن ٺهي وڃي ها ته سچ ۽ ڪوڙ سامهون اچي وڃي ها. چونڊن ۾ ضروري آهي ته امن قائم ڪيو وڃي ۽ تڪرار کان پاڪ چونڊون ڪرايون وڃن. اسان پنهنجن ڀائرن کي شهيد ٿيندي نٿا ڏسي سگهون. ڪير ڪنهن جو ايجنٽ آهي؟ ان لاءِ ڪميشن جوڙڻ ضروري آهي.
بلاول ڀٽو چيو ته اهي زور زبردستي ۽ پٺئين دروازي سان حڪومت ٺاهڻ چاهين ٿا. اسان پرامن رهڻ چاهيون ٿا، نه ته مان به صدر زرداري جو پٽ آهيان.




