پاڪستان ڪسٽمز جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ جي ارائيول تي ڪارروائي ڪندي وڏي ماليت جي موبائل فونن ۽ اليڪٽرانڪ شين جي اسمگلنگ جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي.
ڪسٽمز عملدارن موجب، 6 جولاءِ تي رات 12:20 وڳي دبئي کان ايندڙ ايئر بليو جي اڏام پي اي 111 جي پري اسڪيننگ ڪئي وئي. ابتدائي اسڪيننگ دوران اليڪٽرانڪ شين تي ٻڌل ٻه مشڪوڪ سوٽ ڪيسن جي نشاندهي ڪئي وئي.
ڪسٽمز عملدارن طرفان انهن سوٽ ڪيسن جي تلاشي ورتي وئي ته انهن مان 4 آئي فون 17 پروميڪس، 10 ميڪ بڪ پرو ۽ ايئر، 8 آئي پيڊز، 16 جديد ايپل واچز، ميگ سيف چارجرز ۽ 21 پرفيومز هٿ ڪيا ويا.
ڪسٽمز عملدارن موجب، هٿ آيل شين جي ماليت 1 ڪروڙ 20 لک رپيا آهي. عملدارن ڪيس داخل ڪري ڪسٽمز ايڪٽ 1969ع تحت ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي آهي.




