KTN News

ايران ۾ آيت الله خامنه اي جي آخري رسمن جي موقعي تي عام موڪل جو اعلان

ايراني حڪومت آمريڪي ۽ اسرائيلي حملي ۾ شهيد ٿيل سپريم ليڊر آيت الله علي خامنه اي جي آخري رسمن جي موقعي تي 6 جولاءِ تي ملڪ ڀر ۾ عام موڪل جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

ايراني حڪومت جي ترجمان موجب 8 جولاءِ تي ملڪ ڀر ۾ سوڳ جو ڏينهن پڻ ملهايو ويندو.

ياد رهي ته ايران جي شهيد اڳواڻ سپريم ليڊر آيت الله علي خامنه اي 28 فيبروري تي ايران تي ابتدائي آمريڪي ۽ اسرائيلي حملي دوران شهيد ٿي ويا هئا.

وزيراعظم شهباز شريف جولاءِ جي پهرين هفتي ۾ ايران جو دورو ڪندا.

ذريعن موجب وزيراعظم شهباز شريف آيت الله خامنه اي جي نمازِ جنازه ۾ شرڪت ڪندا. ايران جو دورو مڪمل ڪرڻ بعد وزيراعظم شهباز شريف ترڪي پڻ ويندا.

Facebook
Instagram
WhatsApp
Tiktok
X (Twitter)
YouTube