عرب سمنڊ ۾ موجود طوفان “شڪتي” وڌيڪ شدت اختيار ڪري شديد سائڪلون ۾ تبديل ٿي ويو آهي، جڏهن ته موسميات کاتي جي ٽروپيڪل سائڪلون وارننگ سينٽر طرفان ستون الرٽ جاري ڪيو ويو آهي۔
موسميات کاتي جي ٽروپيڪل سائڪلون وارننگ سينٽر پاران جاري ڪيل الرٽ موجب، طوفان “شڪتي” هن وقت ڪراچي کان لڳ ڀڳ 390 ڪلوميٽر ڏکڻ ڏکڻ اولهه ۾ موجود آهي۔ طوفان ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران اولهه ۽ ڏکڻ اولهه طرف وڌڻ بعد پنهنجو رخ تبديل ڪري اوڀر ۽ اتر اوڀر طرف رخ ڪندو ۽ آهستي آهستي ڪمزور ٿيڻ شروع ٿي ويندو۔
موسميات کاتي موجب، سنڌ جي ساحلي ضلعن جهڙوڪ بدين، ٺٽو، سجاول ۽ ڄامشورو سميت ڪجهه هنڌن تي هلڪي کان وچولي برسات ۽ گجگوڙ جا امڪان آهن، جڏهن ته ڪراچي جي ڪجهه علائقن ۾ به برسات ٿي سگهي ٿي۔
موسميات کاتي پاران ماهيگيرن کي 5 آڪٽوبر تائين سمنڊ جي گهرا حصن ۾ نه وڃڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي۔