ڪراچي جي چنيسر ڳوٺ ٽائون چيئرمين فرحان غني ۽ ٻين خلاف سرڪاري ملازمن تي تشدد واري ڪيس جي ٻڌڻي دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت ۾ ٿي.
عدالت پوليس پاران داخل ڪيل رپورٽ منظور ڪندي دهشتگردي جا قلم ختم ڪري ڇڏيا.
جاچ آفيسر عدالت ۾ رپورٽ پيش ڪندي چيو ته واقعي واري هنڌ تي ڪابه دهشتگردي نه ٿي ۽ نه ئي فائرنگ جو ڪو واقعو پيش آيو، صرف تڪرار ٿيو هو.
عدالت رپورٽ منظور ڪري ڪيس سيشن ڪورٽ منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏنو.
فرحان غني ۽ ٻيا جوابدار عدالت ۾ پيش ٿيا. هاڻ ڪيس جي وڌيڪ ڪارروائي سيشن ڪورٽ ۾ جاري رهندي.