KTN News

سنڌ ۾ چئن مهينن لاءِ هي ڪڻڪ جا ذخيرا موجود آهن،وڏي وزير مراد علي شاهه

وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ ۾ چئن مهينن لاءِ هي ڪڻڪ جا ذخيرا موجود آهن، ان دوران نئون فصل به اچي ويندو،هينئر 18 لک ٽن ڪڻڪ موجود آهي.

سنڌ ۾ ڪڻڪ جي موجودگي بابت ڪراچي ۾ اجلاس جي صدارت ڪندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته مارڪيٽ ۾ ڪڻڪ هوندي ته اٽو ۽ ماني جي قيمت مستحڪم رهندي.

هن چيو ته سنڌ حڪومت چاهي  ٿي ته ڪڻڪ جي مارڪيٽ ۾ موجودگي  کي يقيني بڻايو وڃي..

وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت چاهي ٿي ته ڪڻڪ جي مارڪيٽ ۾ موجودگي يقيني ٿئي،ته جيئن اٽي ۽ ڪڻڪ جي قيمت مستحڪم رهي.

 هن ٻڌايو ته صوبي ۾ هن وقت 12 لک ٽن گندم موجود آهي، جڏهن⁠ ته نجي شعبي وٽ به 6 لک ٽن ڪڻڪ موجود آهي، جيڪا لڳ ڀڳ ساڍن چار مهينن لاءِ ڪافي آهي.

وزيراعليٰ خوراڪ واري وزير کي هدايت ڪئي ته ڪڻڪ جي ذخيرن بابت پاليسي ٺاهي منظوري لاءِ پيش ڪئي وڃي.

 هن چيو ته هو رليز پاليسي ۽ قيمت هلندڙ هفتي اندر طئي ڪرڻ چاهي ٿو.

وڏي وزير وڌيڪ چيو ته پيداوار وڌائڻ لاءِ حڪومت 25 ايڪڙ تائين جي آبادگارن ڪاشتڪارن جي مدد ڪري رهي آهي.

هن اهڙن زميندارن کي هڪ بيگ ڊي اي پي ۽ ٻه بيگ يوريا فراهم ڪيا ويندا.

 هن چيو ته “اسان سپورٽ پرائس مقرر ڪرڻ چاهيون ٿا، جيئن ڪڻڪ جو سٺو فصل لهي ۽ مارڪيٽ ۾ استحڪام اچي۔”….

Facebook
Instagram
WhatsApp
Tiktok
X (Twitter)
YouTube