KTN News

ڪراچي ۾ پوليس اهلڪار تي واپاري کي اغوا ڪري 8 لک رپيا ڀنگ وٺڻ جو الزام

ڪراچي ۾ پوليس اهلڪار تي واپاري کي اغوا ڪري ڀنگ وٺڻ جو الزام

ڪراچي ۾ شهرين کي اغوا ڪندڙن کان بازياب ڪرائيندڙ اي وي سي سي جو اهلڪار پاڻ مبينا طور اغوا براءِ تاوان جي ڪيس ۾ ڦاسي پيو.

گلبهار ٿاڻي تي عدالتي حڪم تحت داخل ڪيل ڪيس ۾ اي وي سي سي گارڊن ۾ مقرر اي ايس آءِ ۽ ٻين اهلڪارن تي خانگي ماڻهن سان گڏجي ناظم آباد جي واپاري عرفان علي شاهه کي اغوا ڪرڻ جو الزام لڳايو ويو آهي.

درخواستگذار موجب واپاري کي سرڪاري موبائل ۾ کڻي نامعلوم هنڌ منتقل ڪيو ويو، جتي کيس سڄي رات تشدد جو نشانو بڻائي 25 لک رپيا ڀنگ طلب ڪيو ويو.

مقدمـي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته مبينا جوابدارن 8 لک رپيا وصول ڪرڻ کانپوءِ واپاري کي آزاد ڪيو ۽ سندس دوست کان ڪاغذ تي صحيحون پڻ ڪرايون.

متاثر واپاري دعويٰ ڪئي آهي ته تشدد سبب سندس نڪ جي هڏي ٽٽي پئي، جنهن جي تصديق عباسي شهيد اسپتال جي ميڊيڪل رپورٽ ۾ پڻ ٿي آهي.

واقعي جو ڪيس داخل ٿيڻ کانپوءِ ايڊيشنل آءِ جي ٽن رڪني جاچ بورڊ قائم ڪري ڇڏيو آهي.

Facebook
Instagram
WhatsApp
Tiktok
X (Twitter)
YouTube