KTN News

صدر مملڪت خيبرپختونخوا ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ واري سمري تي صحيح ڪري ڇڏي

خيبرپختونخوا ۾ ايمرجنسي ۽ گورنر راڄ جي سمري تي صدر آصف علي زرداري صحيح ڪري ڇڏي

ذريعن موجب، صدر مملڪت آصف علي زرداري خيبرپختونخوا ۾ ايمرجنسي ۽ گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ واري سمري تي صحيح ڪري ڇڏي آهي. صدر آئيني آرٽيڪل 232 ۽ 234 تحت سمري تي صحيحون ڪيون.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ايوان صدر پاران باضابطه پڌرنامو جاري ٿيڻ کانپوءِ صوبي ۾ ايمرجنسي ۽ گورنر راڄ لاڳو ٿي ويندو. ان کانپوءِ خيبرپختونخوا جو گورنر صوبي جي ايڊمنسٽريٽر طور ذميواريون سنڀاليندو.

Facebook
Instagram
WhatsApp
Tiktok
X (Twitter)
YouTube