پاڪ-افغان بارڊر تي افغانستان طرفان بلااشتعال فائرنگ جو پاڪ فوج پاران ڀرپور جواب ڏنو ويو آهي۔
سيڪيورٽي ذريعن موجب، افغان فورسز پاران انگور اڊا، باجوڙ، ڪرّم، دير، چترال ۽ بارام چهه سميت ڪيترن ئي هنڌن تي بلااشتعال فائرنگ ڪئي وئي۔
سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته افغان فورسز جي فائرنگ جو مقصد خوارج جي ٽولين کي بارڊر پار ڪرائڻ هو۔
ذريعن موجب، پاڪ فوج جي چاق وچوبند چوڪين پاران سخت ۽ ڀرپور جواب ڏنو پيو وڃي۔ پاڪ فوج فوري ۽ تيز ردعمل ڏيندي ڪيترين ئي افغاني چوڪين کي اثرائتي طريقي سان نشانو بڻايو۔
سيڪيورٽي ذريعن مطابق، پاڪستان جي بروقت ڪارروائي سبب افغانستان جون ڪيترين ئي بارڊر چوڪيون تباهه ٿي ويون، درجنين افغان فوجي ۽ خوارج مارجي ويا، ۽ طالبان ڪيترين ئي لاشن ۽ چوڪين کي ڇڏي فرار ٿي ويا۔
سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته افغانستان طرفان اها جارحيت ان وقت ڪئي پئي وڃي، جڏهن افغان پرڏيهي وزير ڀارت جي دوري تي آهن۔




