KTN News

ڪراچي: ڪلفٽن ۾ بيريئر دير سان کولڻ تي گارڊ تي تشدد

ڪراچي جي علائقي ڪلفٽن ۾ ڊبل ڪيبن گاڏي ۾ سوار ماڻهن معمولي منهن ماري کانپوءِ سيڪيورٽي گارڊ کي تشدد جو نشانو بڻائي ڇڏيو، جڏهن ته واقعي جي سي سي ٽي وي فوٽيج وائرل ٿي وئي آهي.

اهو واقعو ڪلفٽن بلاڪ فور ۾ قائم هڪ اپارٽمينٽ ۾ پيش آيو. سي سي ٽي وي فوٽيج ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ڊبل ڪيبن ۾ سوار ماڻهو بيريئر کُلڻ جو انتظار ڪري رهيا آهن، ان دوران اهي گاڏي مان ٻاهر اچن ٿا ۽ سيڪيورٽي چيڪ پوسٽ تي موجود گارڊ سان جهيڙو شروع ڪن ٿا، جنهن کانپوءِ اوچتو مٿس تشدد به شروع ڪري ڇڏين ٿا.

سي سي ٽي وي ۾ وڌيڪ ڏسي سگهجي ٿو ته گاڏي ۾ هڪ عورت به سوار آهي، جيڪا گاڏي مان هيٺ لهندي نظر اچي ٿي. واقعو ڏسي اپارٽمينٽ جا رهواسي ۽ ٻيا ماڻهو گڏ ٿي وڃن ٿا ۽ وچ ۾ پئي جهيڙو ختم ڪرائين ٿا.

ان سلسلي ۾ پوليس عملدارن سان رابطو ڪيو ويو ته انهن ٻڌايو ته واقعو ڇنڇر ۽ آچر جي وچ واري رات پيش آيو. وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل آهي، پر هن معاملي بابت اڃا تائين ڪنهن به پوليس سان باضابطه رابطو ناهي ڪيو. جيڪڏهن ڪنهن واقعي بابت شڪايت درج ڪرائي ته قانون موجب ڪارروائي ڪئي ويندي.

Facebook
Instagram
WhatsApp
Tiktok
X (Twitter)
YouTube