اردن جي هٿياربند فوج دعويٰ ڪئي آهي ته ان جي هوائي دفاعي نظام اڄ منجهند ايران طرفان فائر ڪيل 8 ميزائل ڪاميابي سان تباهه ڪري ڇڏيا آهن. ڪجهه ميزائلن جو ملبو زمين تي ڪري پيو، پر ڪنهن به جاني يا مالي نقصان جي اطلاع ناهي ملي.
ان کان اڳ اردن جي سرڪاري خبرون ڏيندڙ اداري، حڪومتي ترجمان جي حوالي سان ٻڌايو هو ته ايران طرفان فائر ڪيل ميزائلن جي ملڪ جي فضائي حدن ۾ داخل ٿيڻ جي اطلاع ملڻ کان پوءِ سڄي ملڪ ۾ خبرداري جا سائرن وڄايا ويا.
خبرون ڏيندڙ اداري رائٽرز موجب، اردني حڪومت جي ترجمان وڌيڪ چيو ته ملڪ جون هٿياربند فوجون مڪمل طور تي چوڪس آهن ۽ اردن جي سلامتي کي خطري ۾ وجهندڙ ڪنهن به خطري کي منهن ڏيڻ لاءِ هر وقت تيار آهن.
ان کان اڳ ايراني ميڊيا اردن ۾ موجود آمريڪي فوجي اڏي تي حملي جي خبر ڏني هئي، جڏهن ته آمريڪا هن معاملي تي اڃا تائين ڪو به تبصرو ناهي ڪيو.
هلندڙ جنگ دوران، تهران آمريڪي ۽ اسرائيلي حملن جي جواب ۾ قطر، بحرين، ڪويت ۽ اردن سميت علائقي جي مختلف ملڪن ۾ موجود آمريڪي فوجي اڏن ۽ فوجي تنصيبات کي ڪيترائي ڀيرا نشانو بڻائڻ جون دعوائون ڪيون آهن.




