KTN News

سخت گرمي جي لهر، يورپ ۾ تباهي،ٻيلن ۾ لڳل باهه تي ضابطوآڻڻ مشڪل ٿي ويو

مانچسٽر: سخت گرمي جي لهر برطانيا سميت يورپي ملڪن ۾ تباهي مچائي ڇڏي، 40 سينٽي گريڊ گرمي ۽ هيٽ ويو سبب يورپ جي ٻيلن ۾ لڳل تباهه ڪندڙ باهه تي ضابطو آڻڻ ڏکيو ٿي ويو آهي.

برطانوي ميڊيا جي رپورٽ موجب، فرانس، اسپين، پرتگال ۽ يونان ۾ لڳل باهه کي وسائڻ لاءِ سوين فائر فائٽرز موجود ٽيڪنالاجي ۽ وسيلن سان مقابلو ڪري رهيا آهن.

پيرس جي ايراضي کان لڳ ڀڳ ڏيڍ ڀيرا وڌيڪ، يعني 17 هزار هيڪٽر (42 هزار ايڪڙ) زمين خطرناڪ باهه سبب تباهه ٿي چڪي آهي، جڏهن ته تيزي سان پکڙجندڙ باهه کي وسائڻ لاءِ وسيلا گهٽ پوندا نظر اچي رهيا آهن.

سخت ترين گرمي جي لهر سبب هينئر تائين 4 هزار کان وڌيڪ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون آهن. ڏکڻ فرانس جي هڪ ڪيمپ سائيٽ مان سياحن سميت لڳ ڀڳ 3 هزار ماڻهن کي پنهنجي جان بچائي نڪرڻو پيو.

اسپين جي سرحد ڀرسان واقع سينٽ ميري لا مير شهر ۾ ڪيترائي موبائل گهر سڙي خاڪ ٿي ويا. ويجهي شهر پرپگنان ۾ هوائي اڏو بند ڪيو ويو.

فرانس جي گهرو وزير لارينٽ نونيز 40 سينٽي گريڊ گرمي پد ۽ ٻيلن ۾ لڳل باهه تي پنهنجي ڳڻتي جو اظهار ڪري چڪا آهن.

Facebook
Instagram
WhatsApp
Tiktok
X (Twitter)
YouTube