چين ۾ سامونڊي طوفان “ميساڪ” سبب فوتين جو انگ 15 ٿي ويو آهي، جڏهن ته 9 ڄڻا اڃا تائين لاپتا آهن.
چيني اختيارين موجب ڏکڻ اولهه وارن علائقن مان 62 هزار ماڻهن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي. ناننگ واري علائقي ۾ ڊيم جي ڀت ٽٽي پئي، جنهن سبب ويجهيون آباديون پاڻي هيٺ اچي ويون. چيني موسميات کاتي ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ برساتن جي اڳڪٿي ڪئي آهي.
صوبي گوانگ شي ۾ ٻوڏ کان متاثر علائقن ۾ امدادي ڪارروايون جاري آهن. صدر شي جن پنگ شهرين جون جانيون بچائڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻڻ جون هدايتون جاري ڪيون آهن.




