KTN News

پاڪستان آبي حقن جي تحفظ لاءِ هر قدم کڻندو: بلاول ڀٽو

پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان جنگ نٿو چاهي، پر هر صورت پنهنجي بنيادي مفادن ۽ آبي حقن جو تحفظ ڪندو، سنڌ طاس معاهدي جي بحالي کان سواءِ پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ پائيدار امن ممڪن ناهي.

اسلام آباد ۾ سنڌ طاس معاهدي بابت منعقد ٿيل سيمينار کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڻي رڳو جاگرافيائي مسئلو نه، پر خوراڪ، مستقبل ۽ انساني زندگيءَ جو بنيادي سوال آهي.

 هن چيو ته دنيا ڏٺو ته آبنائي هرمز جي بندش عالمي معيشت تي ڪيئن اثر وڌو، جنهن مان پاڻي ۽ سامونڊي رستن جي اهميت واضح ٿئي ٿي.

هن چيو ته سنڌو درياهه جو پاڻي پاڪستان جي حياتيءَ جي ضمانت آهي ۽ سامونڊي رستن يا آبي وسيلن کي هٿيار طور استعمال ڪرڻ عالمي امن لاءِ انتهائي خطرناڪ رجحان آهي.

سندس چوڻ هو ته دنيا هاڻي محسوس ڪري رهي آهي ته پاڻي جا وسيلا عالمي سياست ۽ سلامتي جو مرڪزي مسئلو بڻجي چڪا آهن.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سنڌ طاس معاهدي جي بحالي کان سواءِ ٻنهي ملڪن وچ ۾ پائيدار امن قائم نٿو ٿي سگهي.

هن عالمي برادري تي زور ڀريو ته پاڻي کي هٿيار طور استعمال ڪرڻ جي خطرن کي سنجيدگي سان وٺي ۽ گڏيل آبي وسيلن کي سياسي دٻاءَ لاءِ استعمال ٿيڻ کان روڪڻ خاطر نوان عالمي قانون جوڙيا وڃن.

پ پ چيئرمين جو چوڻ هو ته ڀارت جو رويو پوري دنيا لاءِ هڪ خطرناڪ مثال بڻجي سگهي ٿو، تنهن ڪري سنڌ طاس معاهدي جو برقرار رهڻ ضروري آهي.

 هن واضح ڪيو ته پاڪستان پنهنجي آبي حقن ۽ درياهه سنڌ جي پاڻي تي ڪنهن به صورت ۾ سمجهوتو نه ڪندو.

 سندس چوڻ هو ته ڪنهن ملڪ جي پاڻي جي فراهمي کي ڄاڻي واڻي روڪڻ، ان ملڪ جي وجود تي حملو تصور ڪيو وڃي ٿو.

بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن پاڪستان جي پاڻي کي روڪڻ جنگ جي برابر آهي ته ان ڏس ۾ کنيل هر قدم کي به معمولي نه سمجهيو وڃي.

 هن چيو ته پاڪستان درياهه سنڌ کي هٿيار بڻائڻ جي هر ڪوشش جو سياسي، سفارتي ۽ قانوني فورمن تي ڀرپور جواب ڏيندو.

هن چيو ته پاڪستان جنگ نٿو چاهي، پر پنهنجي قومي مفادن جي حفاظت لاءِ هر ممڪن قدم کڻندو.

سندس چوڻ هو ته ملڪ جي دفاعي صلاحيت جو مقصد به اهڙن وجودي خطرن کي روڪڻ آهي، جڏهن ته ڀارت کي اهو تاثر نه ملڻ گهرجي ته هو پاڪستان تي دٻاءُ وڌائيندو رهي ۽ پاڪستان رڳو احتجاج تائين محدود رهي.

Facebook
Instagram
WhatsApp
Tiktok
X (Twitter)
YouTube