KTN News

سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ پاران اوٻاوڙو سبزي منڊي مان غير قانوني اڏاوتون هٽائڻ جو حڪم

سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ پاران اوٻاوڙو سبزي منڊي مان غير قانوني اڏاوتون هٽائڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي

سکر جي عدالت مقامي انتظاميا کي ٻن مهينن اندر شادي هال، ڪميونٽي هال، دڪان ۽ غير قانوني حدخليون هٽائي سبزي منڊي بحال ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو

سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ ۾ جسٽس ذوالفقار علي سانگي ۽ جسٽس رياضت علي ساهڙ  تي ٻڌل آئيني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي

وڪيل علي گل عباسي عدالت کي آگاهي ڏني ته اوٻاوڙو سبزي منڊي واري 28 ايڪڙ زمين تي قبضو ڪرڻ لاءِ شادي هال، ڪميونٽي هال، دڪان ۽ ٻئي غير قانوني انڪروچمينٽ قائم ڪئي وئي آهي، جيڪا صرف سبزي منڊي هئڻ گهرجي

وڪيل جا دليل ٻڌڻ بعد عدالت پاران ڪمشنر سکر، ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي ۽ لاڳاپيل ڌرين جو جواب اچڻ بعد غير قانوني حددخليون هٽائي 60 ڏينهن اندر سبزي منڊي بحال ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو.

Facebook
Instagram
WhatsApp
Tiktok
X (Twitter)
YouTube