ڪراچي ۾ آن لائن رائيڊ سروس جي ڊرائيور خلاف مسافر عورت کي هراسان ڪرڻ جي ڪيس ۾، عورت ڪنزيومر ڪورٽ ۾ ڪمپني خلاف هڪ ڪروڙ رپين هرجاني جو دعويٰ داخل ڪيو آهي۔
عدالت ڪمپني کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو آهي۔
عورت پنهنجي درخواست ۾ چيو آهي ته ڊرائيور جي مجرمانه روَيي سبب مون کي هلندڙ گاڏي مان ڇلانگ لڳائڻي پئي۔
درخواست ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ڪمپني شڪايت جي باوجود ڊرائيور خلاف ڪا به ڪارروائي نه ڪئي۔




