KTN News

هڪ لک 13 هزار ايڪڙ زمين ٻيلا پوکڻ لاءِ پبلڪ پرائيوٽ پارٽنرشپ تحت ڏيڻ ۽ 2 لک 17 هزار ايڪڙ وڌيڪ زمين ڏيڻ لاءِ فيزبلٽي جي منظوري

ڪراچي
رپورٽ: شيخ اسرار
سنڌ حڪومت ڄام شوري ۽ مٽياري ضلعن ۾ هڪ لک 13 هزار ايڪڙ زمين ٻيلا پوکڻ لاءِ پبلڪ پرائيوٽ پارٽنرشپ تحت ڏيڻ ۽ 2 لک 17 هزار 452 ايڪڙ زمين تي وڌيڪ ٻيلا پوکڻ لاءِ ايشيائي ترقياتي بينڪ کان فيزبلٽي تيار ڪرائڻ جي به منظوري ڏئي ڇڏي آهي، چانڊڪا لاڙڪاڻو ۽ جناح اسپتال ڪراچي جا ريڊيولاجي ڊپارٽمينٽ به پبلڪ پرائيوٽ پارٽنرشپ ۾ ڏيڻ جو فيصلو، ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ پبلڪ پرائيوٽ پارٽنرشپ تحت مرحليوار 500 اليڪٽرڪ بسون هلائڻ جو اعلان ڪيو ويو. ان حوالي سان سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ وزيراعليٰ هائوس سنڌ ۾ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ (پي پي پي) پاليسي بورڊ جو 48هون اجلاس ٿيو، جنهن ۾ صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ، ناصر حسين شاهه، ڄام خان شورو، ضياءُ الحسن لنجار، علي حسن زرداري، سيڙپڪاري بابت وڏي وزير جو صلاحڪار قاسم نويد، ايم پي اي قاسم سومرو، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف، چيئرمين پي اينڊ ڊي نجم شاهه، ڊي جي پي پي پي يونٽ ۽ سيڪريٽري ٽرانسپورٽ اسد ضامن، ٻيا بورڊ ميمبر ۽ لاڳاپيل آفيسر شريڪ ٿيا. اجلاس ۾ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ پاليسي بورڊ پيپلز گرين ٽرانسپورٽ پروجيڪٽ جي منظوري ڏني،

جنهن تحت ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ 500 اليڪٽرڪ بسون هلائڻ جي منظوري ڏني. بورڊ منصوبي جي دائري، ساخت ۽ رسڪ ميٽرڪس جي منظوري ڏيندي هڪ نجي ڪمپني پاران پيش ڪيل ترميم شده غير مطلوبه تجويز کي قبول ڪيو ويو، جڏهن ته ڪمپني کي رائيٽ آف فرسٽ ريفيوزل ۽ پري ڪواليفڪيشن جي عمل کان ڇوٽ پڻ ڏنو وئي آهي. وڌيڪ بورڊ نجي ڀائيواري کي شامل ڪرڻ لاءِ سيڙپڪارن سان مشاورت ۽ ڀائيواري جي عمل جي شروعات جي پڻ اجازت ڏني. منصوبي تحت 500 اليڪٽرڪ بسون مرحليوار هلائبيون جن سان گڏ ڊيپو، چارجنگ انفراسٽرڪچر، بس شيلٽرز، خودڪار ڀاڙو اوڳاڙڻ جو نظام ۽ انٽيليجنٽ ٽرانسپورٽ سسٽم پڻ قائم ڪيو ويندو. هي منصوبو ڊي بي ايف ايم او ٽي ماڊل تحت 12 سالن جي رعايتي مدي ۾ مڪمل ڪيو ويندو. هن منصوبي سان روزانو ٻه لک کان وڌيڪ مسافرن کي سهولت ملڻ جي اميد آهي، جڏهن ته اهو گرين لائين بي آر ٽي سان ڳنڍيل هوندو ۽ شهري ٽرانسپورٽ سسٽم ۾ نمايان سڌارو آڻيندو. جڏهن ته پاليسي بورڊ ڪراچي پورٽ کان قيوم آباد (ڄام صادق انٽرچينج) تائين ايلويٽيڊ ايڪسپريس وي منصوبي جي به منظوري ڏني وئي. وڏي وزير هدايت ڪئي ته منصوبي جي دستاويزن کي جلد کان جلد مڪمل ڪيو وڃي ته جيئن هو هن منصوبي جو سنگِ بنياد رکي سگهي. اجلاس ۾ سکر، ڪراچي ۽ شهيد بينظير آباد جي ريجنل بلڊ سينٽرز ۾ فڪسڊ ۽ ويئري ايبل ڪاسٽ تي ٻڌل اينيوٽي ماڊل اختيار ڪرڻ جي به منظوري ڏني جيڪو اڳ ۾ منظور ٿيل بي آر سي ڄام شورو جي فريم ورڪ مطابق هوندو. ريڊيولاجي ۽ ڊائگنوسٽڪ ليبز جي آئوٽ سورسنگ بابت پاليسي بورڊ پي ڊي ايف فنڊنگ جي منظوري ڏني ته جيئن چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج اسپتال لاڙڪاڻو ۽ جناح پوسٽ گريجوئيٽ ميڊيڪل سينٽر ڪراچي ۾ ريڊيولاجي ۽ تشخيصي ليب سروسز کي آئوٽ سورس ڪرڻ لاءِ فزيبلٽي اسٽڊي ۽ ٽرانزيڪشن ايڊوائزري سروسز لاءِ مشير مقرر ڪيا وڃن. صحت کاتو هن منصوبي کي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ماڊل تحت لاڳو ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو ته جيئن جديد تشخيصي اوزارن جهڙوڪ ايم آر آءِ، سي ٽي اسڪين، ڊجيٽل ايڪس ري، الٽراسائونڊ ۽ ايڪو ڪارڊيوگرافي جي سار سنڀال ۽ مؤثر استعمال ۾ پيش ايندڙ مشڪلاتن جو حل ڪڍي سگهجي. هن آئوٽ سورسنگ ذريعي نجي ڀائيوار نون اوزارن لاءِ سيڙپڪاري ڪندا، انهن جي آپريشن اينڊ مينٽيننس کي يقيني بڻائيندا، پراڻن نظامن کي اپ گريڊ ڪندا، تربيت يافته عملي کي مقرر ڪندا ۽ تشخيصي نتيجن جي وقت سر فراھمي کي بھتر بڻائيندا ته جيئن مريضن کي معياري ۽ مريض دوست تشخيصي سهولتون مهيا ڪري سگهجن. اجلاس ۾ سنڌ جي دريائي جهنگن کي بحال ڪرڻ، ماحولياتي اثرن کي گهٽائڻ ۽ پاڪستان ۾ گرين هائوس گيسن جي خارج کي گهٽائڻ ڄام شوري ۽ مٽياري ضلعن جي لڳ ڀڳ هڪ لک 13 هزار ايڪڙ زمين کي ٻيلا پوکڻ جي منصوبي لاءِ پبلڪ پرائيوٽ پارٽنرشپ ۾ڏيڻ ۽ ٽن پيڪيجن لاءِ ترجيحي ٻولي ڏيندڙن کي ليٽر آف ايواڊ جاري ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي، اميد آهي ته انهن منصوبن جا معاهدا جلد طئي ٿي ويندا. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته ان منصوبي سان 35 کان 40 ملين ڪاربن ڪريڊٽس حاصل ڪيا ويندا، جنهن کي عالمي ڪاربن مارڪيٽ ۾ وڪرو ڪيو ويندو. ان سان گڏ پاليسي بورڊ ايشيائي ترقياتي بئنڪ (اي ڊي بي) سان تعاون جي منظوري پڻ ڏني ته جيئن لڳ ڀڳ 2 لک 17 هزار 452 ايڪڙ زمين هڪ نئين دريائي ٻيلي پوکڻ واري منصوبي لاءِ فزيبلٽي اسٽڊي ڪئي وڃي. جڏهن ته پاليسي بورڊ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ماڊل تحت چانورن ۽ ڪڻڪ جي پوک ۽ ڪٽائي ۾ انقلاب آڻڻ لاءِ جديد زرعي طريقن جي نفاذ تي ٻڌل منصوبي جي به منظوري ڏني، هن منصوبي تحت جديد زرعي مشينري هارين کي ڀاڙي جي بنياد تي فراهم ڪئي ويندي ته جيئن پوک جي پيداوار ۽ مجموعي ڪارڪردگي ۾ سڌارو آڻي سگهجي. بورڊ هن منصوبي لاءِ پي ڊي ايف فنڊنگ ذريعي فزيبلٽي اسٽڊي جي به منظوري ڏني ته جيئن ايندڙ ڪجهه مهينن ۾ هن منصوبي جو آغاز ڪري سگهجي. ان سان گڏ پاليسي بورڊ ضلعي ٺٽي ۾ ٽماٽا ڪلسٽر پروسيسنگ پلانٽ جي قيام لاءِ فزيبلٽي اسٽڊي جي منظوري ڏني. هن منصوبي تحت هڪ ماسٽر پلان تيار ڪيو ويندو جنهن مطابق سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ جتي ميون ۽ ڀاڄين جي پيداوار وڌيڪ آهي، اهڙي نوعيت جون پروسيسنگ سهولتون قائم ڪيون وينديون ته جيئن زرعي شين کي مقامي سطح تي پروسيس ۽ محفوظ ڪري سگهجي. جڏهن ته بورڊ اين اي ڊي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي پارڪ منصوبي لاءِ ڪنسيشن ايگريمنٽ تي عملدرآمد جي به منظوري ڏني، هي منصوبو اين اي ڊي يونيورسٽي جي احاطي ۾ قائم ڪيو ويندو. هي ملڪ جو پهريون يونيورسٽي بنياد تي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي پارڪ هوندو جيڪو پي پي پي ماڊل تحت قائم ڪيو ويندو.

Facebook
Instagram
WhatsApp
Tiktok
X (Twitter)
YouTube