سنڌ هاءِ ڪورٽ اسڪيم 33، سيڪٽر 34 ۾ قبرستان جي زمين تي قبضن بابت اهم فيصلي ۾ لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي آهي ته زمين وٺي اصل حالت ۾ بحال ڪئي وڃي.
عدالت حڪم ڏنو ته قبضو ختم ڪري قبرستان جي زمين کي محفوظ بڻايو وڃي.
عدالت واضح ڪيو ته جن ماڻهن ملڪيت جي دعوى ڪئي آهي، اهي چاهين ته سول سوٽ داخل ڪري سگهن ٿا۔
فيصلو ڏيندي جسٽس يوسف علي سعيد چيو ته عدالت جو ڪم عوامي مفاد ۽ مذهبي اهميت رکندڙ هنڌن جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ آهي.
درخواست گذار جي وڪيل شهاب سرڪي عدالت کي ٻڌايو ته ڪي ڊي اي جي ماسٽر پلان مطابق چار ايڪڙ زمين قبرستان لاءِ مخصوص ڪئي وئي هئي، پر بلڊرن ان تي قبضو ڪري رهائشي پروجيڪٽ شروع ڪيو آهي.
سماعت دوران سنڌ حڪومت ۽ ٻين سرڪاري وڪيلن به اعتراف ڪيو ته قبرستان جي زمين تي تعميراتي ڪم ٿي رهيو آهي.




