خيرپور اسپيشل اڪنامڪ زون، ايشيا پيسفڪ جي وڏن صنعتي زونز ۾ شامل ٿي ويو، وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ حڪومت جي عالمي سطح تي ڪاميابي، پاڪستان لاءِ اعزاز آهي.
وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته ايف ٽي گلوبل فري زونز آف دي ايئر 2025 ۾ شامل ٿيڻ پاڪستان لاءِ اعزاز آهي.
هن چيو ته هي عالمي ايوارڊ سنڌ جي صنعتي سفر ۾ هڪ سنگ ميل آهي.
مراد علي شاهه چيو ته خيرپور اسپيشل اڪنامڪ زون بين الاقوامي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي.
وڏي وزير چيو ته ايف ڊي آءِ ميگزين خيرپور اسپيشل اڪنامڪ زون کي ايشيا جي بهترين زونز ۾ شامل ڪري ڇڏيو.
هن چيو ته خيرپور اسپيشل زون،چين، ويٽنام، انڊونيشيا ۽ ملائيشيا جي صنعتي زونز جي صف ۾ شامل ٿيو،هي اعتراف سنڌ حڪومت جي پائيدار صنعتي ترقي ۽ معاشي ترقي جي ويزن جي توثيق آهي.
مراد علي شاهه چيو ته خيرپور اسپيشل اڪنامڪ زون جي ڪاميابي سنڌ جي پائيدار صنعتي پاليسي جو ثبوت آهي….