ڪراچي: سنڌ حڪومت 20 آڪٽوبر تي موڪل جو اعلان ڪري ڇڏيو، ان ڏينهن سڀ سرڪاري آفيسون بند رهنديون۔
تفصيلن موجب، سنڌ حڪومت هندو برادري جي مذهبي تهوار ديوالي جي موقعي تي 20 آڪٽوبر تي صوبي ڀر ۾ عام موڪل جو اعلان ڪيو آهي۔
محڪمه سروسز، جنرل ايڊمنسٽريشن اينڊ ڪوآرڊينيشن پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته سومر 20 آڪٽوبر تي سڀئي سرڪاري آفيسون بند رهنديون ته جيئن هندو برادري پنهنجو تهوار ديوالي مذهبي جوش ۽ خروش سان ملهائي سگهي۔
اعلاميي ۾ چيو ويو آهي ته هي فيصلو صوبائي حڪومت پاران صوبي ۾ رهندڙ اقليتن جي ثقافتي ۽ مذهبي روايتن جي احترام ۽ واڌاري لاءِ ڪيو ويو آهي۔
ياد رهي ته ديوالي هندو برادري جو اهم ترين تهوار آهي، جيڪو روشنيُن جي عيد طور سڃاتو ويندو آهي، ان موقعي تي گهرن، مندرن ۽ گهٽين کي روشنيءَ سان سينگاريو ويندو آهي۔