KTN News

ڪراچي جي علائقي نئين ناظم آباد ۾  گهر جي ڇت تان ويڊ جا 45 ٻوٽا هٿ ڪيا ويا آهن،

ڪراچي جي علائقي نئين ناظم آباد ۾  گهر جي ڇت تان ويڊ جا 45 ٻوٽا هٿ ڪيا ويا آهن، هڪ جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي، ويڊ جي مارڪيٽ ۾ قيمت 6 ڪروڙ رپيا ٻڌائي پئي وڃي.

ترجمان ايڪسائيزپوليس جو چوڻ آهي ته نئين ناظم آباد ۾ ڳجهي اطلاع تي  ڪارروائي  دوران بنگلي جي ڇت تان ويڊجا 45 ٻوٽا هٿ ڪيا آهن، جن مان 12 ڪلو ويڊ نڪتي آهي، جنهن جي مارڪيٽ ۾ قيمت 6 ڪروڙ رپيا آهن.

ترجمان ايڪسائيز پوليس جو چوڻ آهي  ڇت تي ويڊ جي پوکي ڪندڙ جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي، مٿس منشيات ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي… 

Facebook
Instagram
WhatsApp
Tiktok
X (Twitter)
YouTube