KTN News

ڪنري جي عدالت ٻن ڀائرن جي قتل ڪيس ۾ گرفتار 4 جوابدارن کي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.

ڪنري جي عدالت ٻن ڀائرن جي قتل ڪيس ۾ گرفتار 4 جوابدارن کي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.

پوليس ٻن ڀائرن صابر ۽ جان محمد چانڊيو جي قتل ڪيس ۾ گرفتار جوابدارن  نظير چانڊيو، منور، اقبال ۽ ملڪ چانڊيو کي سول جج ون جئه سورج جي عدالت ۾ پيش ڪيو.

ٻن جوابدارن منور ۽ ملڪ چانڊيو عدالت ۾ اعتراف ڪندي چيو ته اسان ٻنهي ڀائرن کي قتل ڪيو آهي ٻين کي بيگناهه ڪيس ۾ ڦاسايو ويو آهي.

پوليس ٻڌڻيءَ دوران عدالت کي استدعا ڪئي ته جوابدارن کان جاچ ڪرڻي آهي تنهنڪري سندن رمانڊ ڏنو وڃي.

عدالت پوليس جي استدعا تي چئني جوابدارن کي ٽن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس جي حوالي ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي 1 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

ياد رهي ته هڪ هفتو اڳ نبي سر ٿر ۾ ٻن پورهيت ڀائرن صابر ۽ جان محمد چانڊيو کي گولين جو کاڄ بڻايو ويو هو جنهن جو ڪيس مقتول ڀائرن جي مامي علڻ چانڊيو جي فرياد تي ڄاڻايل چئن ڄڻن خلاف داخل ڪيو ويو هو.

Facebook
Instagram
WhatsApp
Tiktok
X (Twitter)
YouTube