KTN News

ڪراچي ۾ اي-چالان، اهم عدالتي فيصلو سامهون اچي ويو

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ اي-چالان خلاف درخواستن جي ٻڌڻي ٿي.

جماعت اسلامي، مرڪزي مسلم ليگ، بس مالڪن جي ايسوسيئيشن ۽ شهرين پاران اي-چالان جي ڳري ڏنڊن خلاف درخواستون داخل ڪيون ويون آهن.

درخواستگذار جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته لاهور ۽ ڪراچي ۾ الڳ الڳ ڏنڊ آهن ۽ شهر سان امتيازي سلوڪ ڪيو پيو وڃي.

عدالت وڪيل کي چيو ته ڪراچي جو مقابلو ڪنهن ٻئي شهر سان نه ڪيو وڃي. عدالت اي-چالان خلاف اسٽي آرڊر جاري ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

سنڌ هاءِ ڪورٽ اي-چالان خلاف فوري اسٽي آرڊر جي درخواست رد ڪندي ڊي آءِ جي ٽريفڪ ۽ ٻين ڌرين کان جواب طلب ڪيو ۽ درخواست تي وڌيڪ ٻڌڻي 11 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

Facebook
Instagram
WhatsApp
Tiktok
X (Twitter)
YouTube