KTN News

وزيراعلیٰ سنڌ ڪراچي ۾ ٽريفڪ قانونن جي خلاف ورزي تي اي چالان سسٽم جو افتتاح ڪري ڇڏيو

وزيراعلیٰ سنڌ مراد علي شاه ڪراچي ۾ ٽريفڪ قانونن جي خلاف ورزي تي اي چالان نظام جو افتتاح ڪندي چيو ته هاڻ ٽريفڪ قانونن جون خلاف ورزيون جديد ڪيمرن ذريعي پاڻمرادو رڪارڊ ٿينديون.

ڪراچي ۾ اي ٽڪيٽنگ جي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعلیٰ سنڌ چيو ته رڪشا، ڪار، موٽرسائيڪل سميت هرڪو قانون جي ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي، سنڌ ۾ ڊجيٽل شفافيت ۽ جديديت ڏانهن ٽريڪ اهم قدم آهي.

هن وڌيڪ چيو ته جديد اي-ٽڪيٽنگ سسٽم سان انساني مداخلت ۽ جانبداري جو خاتمو ٿيندو، ۽ شهرين جي بهتر خدمت ۽ تحفظ کي يقيني بڻايو پيو وڃي.

وزيراعلیٰ سنڌ جو چوڻ هو ته منصوبي تحت ڪيمرن جو تعداد 12 هزار تائين وڌايو ويندو، جڏهن ته عوامي رهنمائي ۽ سهولت لاءِ ٽريڪ مرڪز قائم ڪيا ويا آهن۔

Facebook
Instagram
WhatsApp
Tiktok
X (Twitter)
YouTube