وزيراعظم شهباز شريف هڪ ڏينهن جي دوري تي قطر پهچي ويو آهي. هو قطر جي امير سان ملاقات ڪندو ۽ شاهي خاندان سان تعزيت جو اظهار پڻ ڪندو.
وزيراعظم شهباز شريف هڪ ڏينهن جي سرڪاري دوري لاءِ اسلام آباد کان قطر روانو ٿي ويو آهي. اڳوڻو وزيراعظم ميان نواز شريف پڻ ساڻس گڏ آهي.
دوري دوران وزيراعظم شهباز شريف قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني سان ملاقات ڪندو ۽ قطر جي اڳوڻي امير جي لاڏاڻي تي شاهي خاندان ۽ قطري عوام سان تعزيت جو اظهار ڪندو.
نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ۽ وفاقي وزير اطلاعات عطاالله تارڙ پڻ وفد جو حصو آهن. هي دورو پاڪستان ۽ قطر وچ ۾ ڏهاڪن کان جاري ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي عڪاسي ڪري ٿو.




