KTN News

قائمه ڪميٽي براءِ داخلا جو اجلاس؛ سنڌ ۾ سائبر ڪرائم يونٽ قائم ڪرڻ جي تجويز

ڪراچي ۾ گهرو معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرپرسن فريال ٽالپر جي صدارت هيٺ هڪ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ آءِ جي سنڌ ۽ ڊي آءِ جي هيڊ ڪوارٽر، لاڳاپيل ڊي آءِ جيز سميت، ڇهن ايجنڊا تي پوائنٽ ٽو پوائنٽ بريفنگ ڏني.

تفصيل موجب، ڇهن ايجنڊا ۾ گرفتار ٿيل ڊرگ مافيا، فارنزڪ ليب، ڪيميڪل سان آلوده کير جي جاچ، لينڊ مافيا ڪيس، سائبر ڪرائم يونٽ ۽ ڪچي وارن علائقن ۾ آپريشن شامل آهن.

اجلاس کي خطاب ڪندي فريال ٽالپر چيو ته منشيات هڪ لعنت آهي جيڪا اسان جي ٻارن کي تباهه ڪري رهي آهي. منشيات فروشن تي سخت ڪريڪ ڊائون ٿيڻ گهرجي. منشيات فروشن خلاف زيرو ٽالرنس پاليسي آهي.

هن چيو ته سنڌ ۾ منشيات فروشن خلاف گڏيل آپريشن جاري آهي. اندروني ۽ ٻاهرين هنڌن تي ٽنهي ادارن جي گڏيل چيڪنگ جاري آهي.

آءِ جي سنڌ چيو ته منشيات فروشن خلاف داخل ڪيسن ۾ 9,810 ايف آءِ آرز تحت 12,623 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. قبضي مافيا ڪنهن به حالت ۾ سنڌ ۾ قابل قبول ناهي. جڏهن ته آءِ جي سنڌ صوبائي سائبر ڪرائم يونٽ جي قيام جي تجويز ڏني ۽ وڌيڪ وسيلن جي فراهمي لاءِ سفارشون پڻ ڪيون.

سنڌ جي گهرو وزير چيو ته زمين تي قبضي خلاف قائم ڪيل ڪميٽي جي سربراهي ڪرڻ منهنجي ذميواري آهي. ڪميٽي ۾ آءِ جي سنڌ، ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي، ڪمشنر ڪراچي ۽ آباد شامل آهن. مان ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ۽ سکر کي مبارڪباد ڏيان ٿو. ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو، سکر ۽ نوجوان آفيسرن بهترين ڪم ڪيو آهي.

اجلاس ۾ صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن ۽ ڪميٽي ميمبرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ايڊيشنل چيف سيڪريٽري، سيڪريٽري ايڪسائيز اينڊ لا پڻ شرڪت ڪئي، جڏهن ته آءِ جي سنڌ، ايڊيشنل آءِ جي ۽ سڀئي ڊي آءِ جي پڻ اجلاس ۾ موجود هئا.

Facebook
Instagram
WhatsApp
Tiktok
X (Twitter)
YouTube