KTN News

شڪارپور ۾ مزدا جو ٽڪر لڳڻ بعد بجلي جو ٿنڀو مٿان ڪرڻ سبب فوت

شڪارپور ۾ مزدا جو ٽڪر لڳڻ بعد بجلي جو ٿنڀو مٿان ڪرڻ سبب فوت ٿيل ست ڄڻن ۽ 8 زخمين جي وارثن وٽ ميڙ منٿ قافلو پهتو، متاثر ڌر مزدا مالڪ کي معاف ڪري ڇڏيو.

ٺاهه لاءِ ميڙ منٿ قافلو حادثي ۾ فوت ٿيلن جي وارثن وٽ پهتو.

فوتين جي وارثن مزدا مالڪ کي معاف ڪري ڇڏيو.

اڳوڻي صوبائي وزير امتياز شيخ جي موجودگي ۾ ڳالهين دوران متاثر ڌر کي 15 لک روپيا معاوضو ڏيڻ بعد دعا گهر وئي.

امتياز شيخ جو چوڻ هو ته فوتين جي وارثن کي سرڪاري پلاٽ ڏيارڻ جي ڪوشش ڪندس………

Facebook
Instagram
WhatsApp
Tiktok
X (Twitter)
YouTube