KTN News

سکر حيدرآباد موٽر وي جي تڪميل لاءِ ڊيڊ لائين مقرر

اين ايڇ اي جي عملدارن قومي اسيمبلي جي اقتصادي معاملن واري ڪميٽي کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته سکر-حيدرآباد موٽر وي لاءِ جنرل پروڪيورمينٽ نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي، اوپيڪ ۽ سعودي فنڊ فار ڊولپمينٽ سان گڏيل مالي سهڪار تي ڳالهيون جاري آهن، تعميراتي سرگرمين جو آغاز ٺيڪن کان پوءِ ڪيو ويندو.

ڪميٽي جي ميمبرن اسلامي ترقياتي بينڪ کان موٽر وي لاءِ ورتل قرض تي خدشن جو اظهار ڪيو.

ڪميٽي جي چيئرمين چيو ته قرض تي وياج 6 سيڪڙو کان مٿي وڃي رهيو آهي، جنهن تي عملدارن چيو ته قرض اسلامي ترقياتي بينڪ جي شرطن تحت ورتو ويو آهي، قرض جي واپسي جو مدو 20 سال آهي ۽ 5 سالن جو رعايتي عرصو به آهي.

Facebook
Instagram
WhatsApp
Tiktok
X (Twitter)
YouTube