سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ آهي ته سنڌ حڪومت ڪشميرين سان يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿي.
ڪشمير يڪجهتي ڏينهن جي موقعي تي جاري ڪيل هڪ بيان ۾ هن چيو ته مان ڪشميري عوام جي جدوجهد کي سلام پيش ڪريان ٿو. پيپلز پارٽي جي سياست جي بنياد ڪشمير ڪاز سان ڳنڍيل آهي.
سنڌ جي وڏي وزير جو چوڻ آهي ته ڪشميرين لاءِ خود اراديت جو حق انهن جو بنيادي حق آهي. ڪشميري عوام جون قربانيون ضايع نه وينديون.
هن چيو ته گڏيل قومن کي والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين جو نوٽيس وٺڻ گهرجي.




