جي ڊي اَي اڳواڻ غلام مرتضيٰ جتوئي چيو آهي ته سنڌ جون حالتون ڏينهون ڏينهن خراب ٿي رهيون آهن حڪومت ڪندڙ پارٽيءَ جو ايم اين اي به محفوظ نه آهي.
اڳوڻو وفاقي وزير غلام مرتضيٰ جتوئي پنهنجي ڀاءُ مسرور جتوئي سان گڏ گھرو وزير ضياءُ الحسن لنجار جي گھر تي حملي سميت ٻين ڪيسن جي ٻڌڻيءَ دوران نوشهرو فيروز جي عدالت ۾ پيش ٿيو.
دهشتگردي جي انت واري عدالت جو جج مقرر نه هجڻ سبب سمورن ڪيسن جون ٻڌڻيون ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي عدالت ۾ ٿيون.
عدالت وڪيلن جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار جي گهر تي حملي جي ٻن ڪيسن جي ٻڌڻي 19 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
مورو ۾ وڳوڙن جي داخل ٻن ڪيسن جون ٻڌڻيون 14 نومبر ۽ دادو جي اميناڻي ٿاڻي تي داخل پوليس مقابلي دوران چرچ واري ڪيس جي ٻڌڻي 4 نومبر تائين ملتوي ڪئي وئي.
غلام مرتضيٰ جتوئي عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ جو حالتون ڏينهون ڏينهن خراب ٿي رهيون آهن سنڌ ۾ هاڻي حڪومتي پارٽي جو ايم اين اي به محفوظ نه آهي.
هن چيو ته ايم اين اي ذوالفقار بهڻ جي گھر ۾ افسوسناڪ واردات جي مذمت ڪريون ٿا، ذوالفقار بهڻ وٽ وڃي اسان اهو ثابت ڪيو آهي ته سياسي اختلاف ٿي سگهن ٿا پر اسان پنهنجي سماجي قدرن کي وساري نه ٿا سگهون.
سندس چوڻ هو ته حالت اها آهي جو مان ڪجهه مهينن کان ٻڪري چور، موٽر سائيڪل چور ۽ پوليس سان مقابلا ڪندڙ ٿي ويو آهيان، عدالتن ۾ روز اهڙن ڪيسن کي منهن ڏئي رهيو آهيان، هر ڀيري تاريخون ئي ملن ٿيون پر عدالت مان انصاف جي اميد آهي.




